اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان افغانستان جي نئين سر تعمير ۾ مدد جي لاءِ تيار آهي ۽ هنرمندي جي ذريعي لکين پناهگيرن جي پنهنجي معاشري ۾ ٻيهر يڪجهتي جي لاءِ به مدد ڏيندو. جنيوا ۾ افغان پناهگيرن جي واپسي بابت اعليٰ سطحي مشاورتي ڪانفرنس سان ورچوئل خطاب ۾ ه?? چيو ته افغان پناهگيرن جي لاءِ افغانستان ۾ جاري ترقياتي منصوبا اهميت رکندڙ آهن، صدر چيو ته پاڪستان گذريل 40 سالن کان پنهنجي سرزمين تي وڏي تعداد ۾ افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي ۽ افغانستان جي نئين سر تعمير جي لاءِ کين هنر سيکارڻ لاءِ به مدد ڏئي سگ??ي ٿو. صدر ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته گذريل ٻن کان ٽن نسلن کان پاڪستان ۾ رهندڙ افغان پناهگير واپاري ادراڪ سميت مختلف هنر سکڻ سان گڏوگڏ پنهنجي وطن واپس وڃي سگ??ن ٿا، ه?? چيو ته پاڪستان افغانستان جي هڪ خوشحال مستقبل لاءِ انهن جي ترقي جي لاءِ هڪ ارب ڊالر جا خرچا ڪيا جيڪي ٻنهي ملڪن جي لاءِ مفيد هوندا، ه?? چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جيو اقتصادي ۽ جيواسٽريٽجڪ مرڪز بڻجي سگ??ن ٿا جنهن سان وچ ايشيا کان سڌو سنئون افغانستان واپاري سامان پاڪستان اچي سگ??ندو، ه?? چيو ته افغانستان جي عوام پنهنجي سياسي ۽ اقتصادي نظم ۽ ضبط جو فيصلو ڪرڻ جو حتمي اختيار رکي ٿي، ه?? چيو ته گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت ها??ِ ڪميشن (يو اين ايڇ سي آر) جي موجوده سربراهه فلپوگرينڊي ۽ اڳوڻي سربراهه انتونيو گوئترس پاران افغان پناهگيرن جي بحالي لاءِ يو اين ايڇ سي آر جي ڪم کي ساراهيو، صدر ام?? عمل جي لاءِ اڳتي وڌڻ تي افغانن، سندن حڪومت ۽ طالبان کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان افغانستان جي ام?? عمل جي بحالي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي جيڪو انتهائي اهم ۽ سنهري دور آهي، افغانستان ۾ ام?? ۽ سلامتي جي لاءِ خوشحالي جي شڪل ۾ موقعا پيدا ٿي رهيا آهن.