اطلاعات واري وزير شبلي فراز جي وفاقي وزيرن چوڌري فواد حسين ۽ شيرين مزاري سان گڏ پريس ڪانفرنس

image
APP44-190121 ISLAMABAD: January 19 – Senator Shibli Faraz, Federal Minister for Information and Broadcasting, Fawad Chaudhary, Federal Minister for Science and Technology and Dr. Shireen Mazari, Federal Minister for Human Rights addressing a press conference. APP photo by Irshad Sheikh

اسلام آباد – 19 – جنوري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا براڊ شيٽ معاملي تي سپريم ڪورٽ يا هاءِ ڪورٽ جي رٽائرڊ جج جي سربراهي ۾ انڪوائري ڪميٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ڪميٽي 45 ڏينهن ۾ پنهنجي جاچ مڪمل ڪندي، انڪوائري ڪميٽي براڊ شيٽ معاملي ۾ شريف خاندان سميت ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ ذريعي ٻاهرئين ملڪن ۾ اثاثا ٺاهيندڙ 200 شخصيتن، 2000ع کان هيستائين ڪيسز روڪرائڻ، معافي ڏياريندڙ سهولتڪارن کي سامهون آڻيندي، سمورن ذميوارن جي خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي، انڪوائري ڪميٽي ڪنهن به شخص يا اداري کي طلب ڪري سگهي ٿي، براڊ شيٽ نه رڳو شريف فيملي جي 850 ملين جي اثاثن جي نشاندهي ڪئي آهي، شريف فيملي دنيا ۾ ڪرپشن جي ميدان ۾ ڪرپشن جي ري ماڊلنگ ڪئي، سوئس بئنڪ، سري محل، اومني گروپ، ايون فيلڊ اپارٽيمينٽس ڪرپشن جا جدا داستان آهن، مخالف ڌر ٻه ڀيرا اين آر او وٺي چڪي آهي هاڻي ٽئين اين آر او جي لاءِ تڙپي رهي آهي، پاناما وانگر براڊ شيٽ معاملو به عالمي سطح تي بي نقاب ٿيو آهي ان جي موجد پي ٽي آءِ نه آهي، شهباز شريف 7.34 ملين ڊالر نيب ۾ جمع ڪرايا بعد ۾ چيف جسٽس افتخار چوڌري جي فيصلي تي نيب اها رقم شهباز شريف کي واپس ڪري ڇڏي. اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري پي آءِ ڊي ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪري رهيا هئا.

مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس