ڪراچي -13 مارچ (اي پي پي) صدر ??ملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ سائنسي تعليم جي اشد ضرورت آهي. اسان جي انفارميشن ٽيڪنال??جي جي نوجوانن سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو. صدر ??ملڪت اهڙو اظهار يونيورسٽي جو نئون نالو رکڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. بينٽ هو??سن يونيورسٽي کي سليم حبيب يونيورسٽي جو نالو ڏنو ويو آهي. صدر ??ملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ ۾ آن لائين تعليم کي وڌيڪ مربوط بنائڻ گهرجي، انفارميشن ٽيڪنال??جي کي هٿي ڏيڻ سان ملڪ ترقي جي راهه تي هلندو. هن چيو ته اسان افرادي قوت ٺاهي ورتي ته قومن جي برادري ۾ پاڪستان ٽاپ تي هوندو. هن چيو ته پاڙيسري ملڪ ۾ اقليتن کي ڌار ڪيو پيو وڃي، اسان جي نبي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم معاشري جي تقسيم کي ختم ڪيو. هن چيو ته سليم حبيب يونيورسٽي ۾ ميرٽ کي خاص اهميت حاصل آهي.