اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ معاشي، ثقافتي ۽ دف??عي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، عالمي برادري گڏيل قومن ج?? سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ج?? روشني ۾ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن سريلنڪن آرمي جي چيف آف ڊفينس اسٽاف ۽ ڪمانڊر جنر?? شوندراسلوا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان سريلنڪا سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻئي ملڪ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي متقفه راءِ رکن ٿا، ٻنهي ملڪن ج?? وچ ۾ معاشي، ثقافتي ۽ دف??عي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، صدر چيو ته پاڪستان ٻڌ سياحن ج?? لاءِ هڪ پرڪشش منزل آهي، سريلنڪا جي ماڻهن کي پاڪستان ۾ مذهبي ۽ قدرتي ماڳن ج?? دورو ڪرڻ جي ترغيب ڏني وڃي. صدر عارف علوي سريلنڪن آرمي جي چيف آف ڊفينس اسٽاف ۽ ڪمانڊر ڱي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان ج?? ڪاميابين ج?? باري ۾ آگاهه ڪيو.