اسلام آب??د – 10 – مئي (اي پي پي) اطلاعات و??ري مملڪتي وزير فرخ ح??يب چيو آهي ته بلاول صاحب پنهنجي ملڪ ۽ قوم کي ٻڏڻ کان ب??ائڻ جي لاءِ وسيلا گڏ ڪرڻ شرم جي ڳالهه نه آهي، تاريخ لکندي ته س??ڌ ڦريو پئي ويو ۽ بلاول پريس ڪانفرنس ۾ بانسري وڄائي رهيو هو، شرم ۽ ندامت توهان کي هجڻ گهرجي ته پنهنجي ملڪ ۽ عوام جو پئسو ڦريو، ٻاهرئين ملڪ ملڪيتون ٺاهيون، اڳ ۾ مُڪرجي ويا پوءِ تسليم ڪري ورتو. مملڪتي وزير فرخ ح??يب بلاول ڀٽو جي بيان تي ردعمل ۾ چيو ته شرمندگي جي ڳالهه اها آهي ته توهان حڪمران هجو پر سنڌ جي عوام کي ڪتن جي ڪاٽڻ جي ويڪسين به ميسر نه هجي، ٿر ۾ بک وگهي ٻار مرندا رهن ۽ توهان بي حسي جو بُت بڻجي تماشو ڏسندا رهو.