اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) قومي اسيم??لي فلسطيني عوام تي اسرائيلي جارحيت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي هڪ متفقه قرارداد جي منظوري ڏني آهي جنهن ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، او آءِ سي ۽ ا??سا??ي حقن جي عالمي تنظيمن کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته فلسطين تي اسرائيل جي ظلم ۽ ڏاڍ کي روڪرائڻ جي لاءِ فوري طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪن، فلسطينين جي نسل ڪشي، انهن جي پنهنجي علائقن مان جبري بيدخلي ۽ فلسطين جي آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ جي عمل کي فوري طور تي روڪيو وڃي، گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل اسرائيلي حڪومت ??ار??ن فلسطيني عوام جي خلاف نسل ڪشي جي ڏوهه جي جاچ جي لاءِ آزاداڻو انڪوائري ٽربيونل قائم ڪري. قومي اسيم??لي ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي فلسطين تي اسرائيلي جارحيت جي خلاف مذمتي قرارداد پيش ڪندي چيو ته هي ايوان اسرائيل ??ار??ن فلسطين جي عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿو ۽ معصوم فلسطيني عوام تي منظم ظلم ۽ ڏاڍ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو.