اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته بينظير انڪم ??پو??ٽ پروگرام کي پيپلزپارٽي ڪرپشن جي لاءِ استعمال ڪيو، انهي ڪري بينظير انڪم ??پو??ٽ پروگرام ڪرپشن جي علامت بڻيو، پيپلزپارٽي جي حڪومتي دور ۾ 8 لک 50 هزار غير مستحق ماڻهن کي شامل ڪيو، موجوده حڪومت ٽيڪنالاجي جي ذريعي جانچ پڙتال کانپوءِ بينظير انڪم ??پو??ٽ پروگرام جي فهرست مان 0.85 ملين غير مستحق ماڻهن کي ڪڍيو، ان ۾ گريڊ 17 کان 21 جا آفيسر به شامل هئا. مملڪتي وزير فرخ حبيب بل??ول زرداري جي بيان تي رد عمل ۾ چيو ته بل??ول صاحب، جيڪڏهن ڪوڙ ڳالهائي ڳالهائي ٿڪجي وڃو ته هڪ منٽ جي لاءِ سچ ٻڌي وٺو، بينظير انڪم ??پو??ٽ پروگرام جو نالو اهو آهي، ان ۾ ڪا به تبديلي ناهي ڪئي وئي.