اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ماحولياتي ت??ديلي جي حوالي سان پاڪستان جو پهريون سمارٽ جهنگل راوي ريور فرنٽ سٽي رک جهوڪ اهم سنگ ميل آهي. پنهنجي ٽوئ??ٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته چيني ڪمپني ”هواوي“ جي جديد ٽيڪنالاجي ۽ سنسرز جي مدد سان وڻن جي نشونما ۽ جهنگلي جيوت جي واڌاري ۾ مدد ملندي. 24 هزار ڪينال زمين تي هڪ ڪروڙ وڻ پوکينداسين.