اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان کي انساني بنيادن تي امداد فراهم ڪري رهيا آهيون. افغانستان ۾ انساني بحران کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جيڪڏهن اوهان افغانستان جي فوري مالي معاونت جي فراهميءَ لاءِ تيار نه آهيو ته گهٽ ۾ گهٽ کين ڏيوالپڻي کان بچايو وڃي. قطر جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته ??اڪ??تان اسان جو اسٽريٽجڪ شراڪتدار آهي، ??اڪ??تان سان دفاعي ۽ اقتصادي سميت تمام شعبن ۾ لاڳا??ن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ چاهيون ٿا. وفد جي سطح تي ڳالهين کانپوءِ پرڏيهي وزارت ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پ??ڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جون وفد سطح تي ڳالهيون لاڀائتيون رهيون آهن. هن چيو ته افغان امن عمل ۾ قطر خاص ڪري پ??ڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان الثاني جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. افغانستان جي حوالي سان اسان جي نڪته نظر ۾ هڪجهڙائي آهي، مون قطري پ??ڏيهي وزير کي 20 کان وڌيڪ پرڏيهي وزيرن سان ٿيل رابطن ۽ ڳالهين کان آگاهه ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان اتفاق ڪيو آهي ته افغان شه??ين کي تحفظ ۽ معاونت جي ضرورت آهي، جڏهن ته اسان امن مخالف ڌُ??ين تي ڪڙي نظر رکنداسين، اسان اتفاق ڪيو آهي ته افغانستان ۾ پيدا ٿيندڙ انساني الميي جو ازالو په??ين ترجيح هئڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان افغانستان کي انساني بنيادن تي امداد فراهم ڪري رهيا آهيون، ان سلسلي ۾ ??اڪ??تان اڳ ۾ ئي امدادي شيون ڪابل موڪلي چڪو آهي، جڏهن ته ايندڙ ڏينهن ۾ پڻ زميني ??ست?? ذريعي وڌيڪ امداد ڪابل موڪلي ويندي. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۾ انساني بحران کي مُنهن ڏيڻ لاءِ جيڪڏهن اوهان افغانستان جي فوري مالي معاونت جي فراهميءَ لاءِ تيار نه آهيو ته گهٽ ۾ گهٽ کين ڏيوالپڻي کان بچايو وڃي ۽ انهن جا اثاثا رليز ڪيا وڃن. هن چيو ته اسان ??اڪ??تان ۽ قطر وچ ۾ ٻه طرفن لاڳاپن جي مڪينزم کي وڌيڪ فعال بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي، اسان جاگرافيائي لحاظ کان هڪٻئي جي ويجهو هئڻ جي ناتي فوڊ سيڪيورٽي جي شعبن ۾ سهڪار وڌائي سگهون ٿا. مون کي اهو ٻُڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته قطر سماجي ۽ اقتصادي شعبي ۾ وڌيڪ ??اڪ??تانين جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته مون قطري پ??ڏيهي وزير کي گذارش ڪئي آهي ته قطر ويندڙ ??اڪ??تاني جن جي ويڪسين ٿي چڪي آهي انهن کي گهرن ۾ قرنطينه جي سهولت فراهم ڪئي وڃي. قطر جي نائب وزيراعظم چيو ته قطر ۽ ??اڪ??تان وچ ۾ خوشگوار ۽ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن. ??اڪ??تان اسان جو اسٽريٽجڪ ڀائيوار آهي، اسان ??اڪ??تان سان دفاعي ۽ اقتصادي سميت سمورن شعبن ۾ ٻه طرفن لاڳا??ن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. هن چيو ته اسان افغانستان ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي چاهيون ٿا. افغان امن عمل ۾ ??اڪ??تان جي مخلصاڻي ڪوششن کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته ڪنهن به انساني الميي کان بچڻ لاءِ اسان کي افغان عوام جي مدد لاءِ اڳتي وڌڻو پوندو.