اسلام آباد -13 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر شاه محمود قريشي پاڪستان طرفان عوام کي انساني بنيادن تي نهايت ضروري مدد جي فراهمي لاءِ گڏيل قومن جي ڪوششن کي ڀليڪار ڪندي چيو آهي ته پائيدار ترقي کي يقيني بڻائڻ ۽ انساني حقن جي احترام کي هٿي وٺائڻ لاءِ افغانستان ۾ سياسي استحڪام ۽ امن گهربل ??هي. امن ان وقت تائين مستحڪم ۽ پختو نه ٿو ٿي سگهي جيستائين افغانستان کي پيش معاشي ۽ مالياتي گنجائش فراهم نه ٿي ٿئي. افغانستان ۾ انساني صورتحال تي اعليٰ سطحي وزارتي اجلاس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وز??ر چيو ته مسئلا ڏکيا آهن، افغانستان ويجهو هڪ ڪروڙ 80 لک عوام کي ان صورتحال ۾ انساني بنيادن تي امداد جي اشد ضرورت ??هي. هن چيو ته هن اهم ۽ نازڪ مرحلي تي افغانستان جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻو پوندو جنهن ۾ مالي ۽ سياسي حمايت ٻئي شامل آهن. هن وقت ترقياتي شراڪتداري جي ضرورت ??هي. قوم جي تعمير ۾ حمايت گهربل ??هي. افغان آبادي جي انساني بنيادن تي گهربل ضرورتن کي پورو ڪرڻو پوندو. پائيدار حل جي گهرج آهي ته ترقياتي منصوبا آندا وڃن، روزگار جي فراهمي جا موقعا پيدا ڪيا وڃن ۽ خوراڪ، صحت ۽ تعليم جهڙين بنيادي ضرورتن کي افغان عوام تائين رسائي کي يقيني بڻائجي. پرڏيهي وز??ر چيوته افغانستان جي اندر انساني صورتحال تي توجهه ڏيندي اسان کي لکين انسان افغانين کي نه وسارڻ گهرجي جيڪي ٻين ملڪن ۾ رهائش اختيار ڪيو ويٺا آهن جن جي لاءِ گذريل سالن ۾ عالمي ??مداد م گهٽتائي آئي ??هي. عالمي ??ميواري جي اصول ۽ وز?? کڻڻ ۾ حصيدار تحت پناهگيرن جي ميزباني ڪندڙ ملڪن خاص طور تي ڪورونا جي موجوده شڪل جي صورتحال دوران حمايت ۽ مدد ڪئي وڃي. هن چيو پاڪستان پنهنجي حصي طور افغانستان ۾ انساني بنيادن تي ڪوششن ۾ ڪي??رن ئي قسمن جي مدد ڪندو آيو آهي جن ۾ بين الاقوامي ??دارن جي عملي جي نيڪالي، ۽ ٻئي هنڌ منتقلي کان علاوه فضائي ۽ زميني رستن سان خوراڪ ۽ امداد جي فراهمي لاءِ انساني بنيادن تي راهداري جو قيام شامل ??هي. اسان هوائي جهازن ذريعي افغانستان کي کاڌي ۽ دوائن جي انساني بنيادن تي فراهمي ??و سلسلو اڳ ئي شروع ڪري چڪا آهيون. هي سلسلو زميني رستن زريعي جاري رهندو. پاڪستان گذريل چئن ڏهاڪن کان 30 لک کان وڌيڪ افغان مهاجرين جي ميزباني جاري رکيو پيو اچي. اسان هڪ ارب آمريڪي ڊالرن کان وڌيڪ رقم افغانستان ۾ ڪي??رن ئي ترقياتي منصوبن لاءِ رکي ??هي. هن چيو ته اسان گڏيل قومن جي ڇٽي هيٺ افغان عوام کي انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي ۾ مدد جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيون ٿا جنهن ۾ مختلف قسمن جي معاونت سامل آهي اسان اچ وڃ ۽ پاڪستان کان رستي جي فراهمي ??ريعي گڏيل قومن جي انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي ۾ سهولتڪاري پڻ جاري رکنداسين.