اسلام آباد – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن تي واويلا ڪندڙن جي دور ۾ پيٽروليم منصوعات تي ٽيڪس جي شرح 52 سيڪڙو تائين رهي، هڪ سال دوران پيٽروليم منصوعات جي قيمتن ۾ عالمي سطح تي 80 سيڪڙو اضافو ٿيو، حڪومت پنهنجي ٽيڪس جي شرح ۾ وقت بوقت گهٽتائي ڪري 18.5 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان ڪرنسي موجب هن وقت هندستان ۾ پيٽرول 245 ??وپ??ا، بنگلاديش ۾ 175.33 ??وپ??ا، سعودي عرب ۾ 104.20 ??وپ??ا ۽ يو اي اي ۾ 111.42 ??وپ??ا، چين ۾ پيٽرول 194 ??وپ??ا، سريلنڪا ۾ 154 ??وپ??ا، آذربائيجان ۾ 98.65 ??وپ??ا ۽ هانگ ڪانگ ۾ 425.25 ??وپ??ا في ليٽر آهي، هن چيو ته پاڪستان هاڻي به دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي ڀيٽ ۾ پيٽرول سستو فراهم ڪري رهيو آهي