اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عار?? علوي فراڊ کان متاثر شهري کي 8 لک رپين جي گم ٿيل ??قم و??پس ڪرڻ جو حڪم برقرار رکندي وفاقي بئنڪنگ محتسب جي فيصلي جي خلاف سونيري بئنڪ جي اپيل ??د ڪري ڇڏي ۽ بئنڪ کي فراڊ کان متاثر شهري کي ان جي گم ٿيل ??قم ڪنهن دير کانسواءِ فوري طور تي ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. صدر ان ڏس ۾ جاري پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو آهي ته ان ڪيس ۾ جيئن ته بئنڪ انتظاميا پاران بدانتظامي ۽ بي ضابطگي ثابت ٿي آهي. جڏهن ته بئنڪنگ محتسب پاران پڻ بئنڪ کي فراڊ جي ان شڪايت تي پنهنجي صفائي پيش ڪرڻ جو ڀرپور موقعو ڏنو ويو. تفصيل موجب شڪايت ڪندڙ محمد دانش نسيم 22-10-2018 تي سونيري بئنڪ جي سرگوڌا روڊ شيخوپوره برانچ ۾ اڪائوٽ کولي?? ۽ ??ن وقت بئنڪ مئنيجر کي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرڻ جي لاءِ 20 لک رپيا يعني 2 ملين رپيا ڏنا جڏهن ته بئنڪ مئنيجر 20 لک جي هڪ رسيد ڏيڻ بدران 5، 6 ۽ 9 لک جون ٽي جدا جدا رسيدون ڏئي ڇڏيون. شڪايت ڪندڙ يعني اڪائونٽ هولڊر 20 لک رپين جي هڪ ئي سيد ڏيڻ تي اصرار ڪيو هو. بعد ۾ جڏهن شڪايت ڪندڙ بئنڪ مان پنهنجي رقم ڪڍرائڻ چاهي ته ان کي ٻڌايو ويو ته اڪائونٽ ۾ گهربل رقم موجود نه آهي جنهن تي شڪايت ڪندڙ اڪائونٽ هولڊر بئنڪ جي لاڳاکيل ??عليٰ عملدارن کي 20 لک جي جمع ڪرايل ??قم جي رسيدن سان گڏ درخواستون ??ني??ن جڏهن ته ڪا شنوائي نه ٿي جنهن تي رقم و??پس نه ملڻ تي شهري وفاقي بئنڪنگ محتسب سان رجوع ڪيو جنهن جي ڪارروائي دوران ثابت ٿيو ته جمع ڪرايل ??قم جون رسيدون بلڪل صحيح ۽ اصلي آهن ۽ ان تي ان وقت جي اڳوڻي مئنيجر جون صحيحون ۽ اسٽيمپ به اصلي آهن. وفاقي بئنڪنگ محتسب فراڊ ثابت ٿيڻ تي سونيري بئنڪ کي رقم و??پس ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. سونيري بئنڪ وفاقي بئنڪنگ محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل ڪئي جڏهن ته صدر وفاقي بئنڪنگ محتسب جي فيصلي کي برقرار رکي?? ۽ ??ئنڪنگ کي فراڊ کان متاثر شهري کي ان جي گم ٿيل ??قم وڌيڪ ڪنهن دير کانسواءِ فوري طور تي ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو آهي ته قانون تحت بئنڪنگ محتسب بئنڪن جي بدانتظامي، بي ضابطگين ۽ عملدارن جي بدعنواني ۾ جاچ ڪرڻ ۽ حڪم جاري ڪرڻ جو مجاز آهي.