اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته راندين جي صحتمنداڻي سرگرمين جي فروغ سان نوجوانن کي سماجي براين کان روڪڻ ۾ مدد ملندي، شوقينن جي دلچسپي برقرار رکڻ لاءِ ڪرڪيٽ سميت مختلف راندين ۾ آهستي آهستي تبديليون آ??ون آ??ن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ منعقد ڪراچي ٽيپ بال پريميئر ليگ جي ايوان صدر ۾ افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ان موقعي تي ٽورنامينٽ جي لوگو ۽ ٽرافي جي رونمائي به ڪئي. صدر چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪرڪيٽ جو هيرو آهي، هن ڪرڪيٽ ۾ به اصولن ۽ ڪردارسازي کي فروغ ڏنو، هن چيو ته ننڍپڻ ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ جو شوق هو جاويد ميانداد، هارون رشيد ۽ توصيف احمد جهڙن رانديگرن ان دور ۾ شاندار ڪرڪيٽ کيڏي، جاويد ميانداد يادگار ڇڪو هڻي پاڪستان کي فتح ڏياري، هن چيو ته ميچ فڪسنگ جي باوجود ڪرڪيٽ ۾ دلچسپي برقرار رهي، هاڻي ڪرڪيٽ جو انداز بدلجي ويو آهي، شوقينن جي دلچسپي برقرار رکڻ لاءِ ڪرڪيٽ سميت مختلف راندين ۾ آهستي آهستي تبديليون آ??ون آ??ن. هن چيو ته ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي انعقاد بهترين قدم آهي، مقامي س??ح تي هاڪي ۽ ڪرڪيٽ جي مقابلن سان مثبت سرگرمين کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو. صدر چيو ته نوجوانن جي وچ ۾ راندين جي صحتمنداڻي مقابلن جو هجڻ ضروري آهي، نوجوانن ۾ راندين جي صحتمداڻي سرگرمين سان سماجي براين کي روڪڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته رانديون اسان کي نظم ۽ صبظ سکارينديون آ??ن، ان موقعي تي خطاب ڪندي بين الصوبائي رابطن واري ??فاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو ته بدقسمتي سان ماضي ۾ راندين کي نظرانداز ڪيو ويو تنهن هوندي به موجوده حڪومت جي قدمن جي ڪري ??اڻي اها ترقي جي راهه تي گامزن آ??ي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پاڻ اسپورٽس مين آ??ي ان جي ويزن جي تحت اسپورٽس پاليسي ٺاهي آهي ??اب??نا ان منظوري کانپوءِ ان اسپورٽس پاليسي سان راندين ۾ نمايان بهتري ايندي. راندين ۾ پاڪستان جو نالو استعمال ڪندڙن کي ان اسپورٽس پاليسي تي عمل ڪرڻو پوندو. هن ٽيپ بال ٽورنامينٽ جي قدمن کي ساراهيندي چيو ته ان طرز جي ٽورنامينٽ کي ملڪي س??ح تي توسيع ڏيڻ گهرجي. ٻهراڙي جي علائقن جي نوجوانن ۾ وڏيون صلاحيتون آ??ن. نوجوانن ۽ عورتن کي راندين جي سرگرمين جي وڌ کان وڌ موقعا ملڻ گهرجن، هن چيو ته ڪاروباري ادارن کي سي ايس آر تحت راندين جي فروغ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ريلوي واري ??فاقي وزير سينيٽر اعظم سواتي چيو ته راندين ٻاهرين ملڪ ملڪ جو مثبت تشخص اجاگر ڪريون ٿا. ڪراچي ۾ ريلوي جي زمين تي 2 ڪرڪيٽ گرائونڊ بڻايا ويندا. اڳوڻي ڪپتان ليجنڊ ڪرڪيٽ جاويد ميانداد چيو ته ڪراچي ۾ راندين جا ميدان گهٽ آهن جنهن جي ڪري ??ارن جي لاءِ مثبت سرگرمين جا موقعا گهٽ آهن، ڪراچي شهر ۾ راندين جي ميدانن ۾ اضافو ڪرڻ چاهي، اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر هارون رشيد چيو ته ان ٽورنامينٽ ۾ 8 ٽيمون حصو وٺي رهيون آ??ن ۽ اها ٽورنامينٽ محلي جي بنياد تي منعقد ڪيو پيو وڃي.