اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪڏهن قطري خط، ڪڏهن ڪيلبري فونٽ جعلي ٽرسٽ ڊيڊ، ڪڏهن مرحوم جج ارشد ملڪ کي بليڪ ميل ڪري وڊيو، ڪڏهن ن ليگي ورڪر اڳوڻي چيف جج رانا شميم جو جعلي حلف نامو ۽ ڪڏهن جعلي آڊيو ٽپس آڻي رهيا آهن پر نواز شريف ۽ سندس خاندان اڄ تائين لنڊن محلات جون رسيدون ڪنهن عدالت ۾ نه پيش ڪري سگهيا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته مريم ص??در ٽي وي تي ڪوڙ ڳالهايو ته منهنجي لنڊن ۾ ت?? ڇا پاڪستان ۾ به ڪا پراپرٽي نه آهي. بعد ۾ معلوم ٿيو ته نيلسن اينڊ نيسڪول آف شور ڪمپنيون لنڊن ۾ شريف فيملي جي استعمال هيٺ فليٽس جي مالڪ بينيفيشل اونر مريم ص??در آهي. هن چيو ته ڪيلبري فونٽ مارڪيٽ ۾ اچڻ کان پ??رين جعلي ٽرسٽ ڊيڊ ٺاهي وئي، هن چيو ته پاناما انڪشاف اچڻ کانپوءِ نواز شريف ۽ فيملي ڪوڙ ۽ جعلي دستاويزن کانسواءِ عدالتن ?? ڪجهه جمع ناهي ڪرايو. پهريون ڪوڙ اسيمبلي جي فلور تي بيهي نواز شريف چيو ته هي آهن اهي ذريعا حضور جنهن سان لنڊن جا فليٽس خريد ڪيا ويا بعد ۾ سپريم ڪورٽ ۾ نئين ڪهاڻي قطري خط پيش ڪيو ويو.