اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان کي ابوظهبي جي ولي عهد ۽ گڏيل عرب امارات جي هٿياربند فوج جي ڊپٽي سپريم ڪمانڊر محمد بن زيد ڪالهه سومر ڏينهن ٽيليفون ڪئي ۽ لاهور ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ جاني نقصان ??ي مذمت ڪئي ۽ سوڳوار خاندانن سان ??عزيت ج?? اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب ابوظهبي جي ولي عهد 20 جنوري 2022ع تي لاهور ۾ ٿيندڙ دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪئي، جنهن ۾ ٽي مانهو فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. هن سمورن متاثرين جي گهرڀاتين سان ??لي تعزيت ج?? اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. ولي عهد پاڪستان ??ي قيادت، حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي ج?? اظهار ڪيو. وزيراعظم تعزيت ۽ حمايت جي ڀرپور اظهار تي ولي عهد جا ٿورا مڃيا. هر قسم جي دهشتگردي جي خل??ف جنگ ۾ پاڪستان ??ي پڪي عزم کي ورجائيندي وزيراعظم چيو ته دهشتگرد حملن ۾ ملوث ماڻهن ک?? ا??ص??ف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. وزيراعظم گڏيل عرب امارات سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، مختلف فورمن تي تعاون وڌائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ويجهو رابطو جاري رکڻ جي پاڪستان ??ي خواهش ج?? اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن جي قيادت جي وچ ۾ لاڳيتو ۽ خوشگوار رابطو پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جو عڪاس آهي.