گوادر – 21 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪ??ر عارف علوي ملڪي روانگي واپار جي فروغ ۽ بلوچستان جي سرحدي علائقن ??ي ويجهو رهندڙ ماڻهن کي روزگار جي فراهمي لاءِ پاڙيسري ملڪن سان سرحد تي واپار وڌيڪ آسان بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏ??ند?? چيو آهي ته لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز سرحدي واپار ۾ اضافي ۽ بلوچستان جي ڏورانهن علائقن ۾ خوشحالي آ??ڻ لاءِ رستن جي بنيادي ڍانچي کي اپ گريڊ ڪن، ٽيلي ڪميونيڪيشن جون سهولتون فراهم ڪن ۽ ڪراسنگ پوائنٽس تي بينڪنگ چئنلز قائم ڪري موجوده سرحدي علائقن کي سموريون سهولتون مهيا ڪن. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر ڊاڪ??ر عارف علوي اهي هدايتون جمعي ڏينهن گوادر ۾ بلوچستان ۾ بارڊر اينڊ ٽريڊ مينيجمينٽ جي حوالي سان فالو اپ اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنيون. اجلاس ۾ وزيراعظم جي واپار ۽ سيڙپڪاري واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، بلوچستان جي گورنر سيد ظهور احمد آغا، بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو، ڪمانڊر 12 ڪور ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي، ڪمانڊر ڪوسٽ پاڪستان نيوي ريئر ايڊمرل جاويد اقبال، ڪمانڊر ويسٽ پاڪستان نيوي ريئر ايڊمرل جواد احمد، ايف بي آر چيئرمين ڊاڪٽر محمد اشفاق احمد، سي پيڪ اٿارٽي چيئرمين خالد منصور، اوگرا چيئرمين مسرور خان، بلوچستان جي چيف سيڪريٽري مظهر نياز رانا ۽ حڪومت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي 3 جنوري 2022ع تي ايوان صدر، اسلام آباد ۾ ٿيندڙ گڏجاڻي ۾ حڪومت بلوچستان پاران اٿاريل مختلف مسئلن جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي سرحدي واپاري مسئلن ۽ گوادر جي ساحلي علائقن ۾ غير قانوني ماهي گيري بابت به آگاهه ڪيو ويو، اجلاس ۾ ان ڳالهه تي روشني وڌي وئي ته گوادر جي شهرين کي بينادي ضرورتن جي فراهمي لاءِ ضروري بنيادن تي ڪم 6 مهينن ۾ مڪمل ڪيو و??ند??. سي پيڪ اٿارٽي چيئرمين ٻڌايو ته گوادر جي عوام کي 1.2 ملين گيلن روزاني (ايم جي ڊي ) پاڻي جي فراهمي جومنصوبو 6 مهينن ۾ مڪمل ڪيو و??ند??، اجلاس کي گوادر ايئرپورٽ ۽ اسپتال جي ترقي تي ٿيندڙ اڳڀرائي جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته غير ملڪي سيڙپڪارن جي حوصلا افزائي ۽ سهولت لاءِ اين او سي جاري ڪرڻ عمل کي هموار بڻايو ويو آهي ۽ هاڻي اين او سي چئن هفتن ۾ جاري ڪئي و??ند??. اوگرا چيئرمين شرڪت ڪندڙن کي آ??اهه ڪيو ته صوبي جي تيل جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ بلوچستان ۾ اسٽوريج جي سهولتن ۽ لائسنس رکندڙ بهترين 10 آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي صوبي جي هر ضلعي ۾ 2 اضافي پيٽرول پمپ قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اجلاس ۾ بلوچستان ۾ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽن جو تعداد گهٽ ڪرڻ جي حڪومتي فيصلي کي به ساراهيو ويو، اجلاس کي خطاب ڪندي صدر چيو ??ه بلوچستان جي سرحدي علائقن ??ان تعلق رکندڙ واپارين کي درپيش مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي، هن اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي بئنڪن کي سرحدي واپاري ماڳن تي بئنڪنگ چئنلز قائم ڪرڻ جي هدايت ڪرڻ جي فيصلي جي آجيان ڪئي، هن بلوچستان جي نوجوانن کي هرمند بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن هو گوادر ۾ روزگار جي موقعن مان ڀرپور فائدو کڻي سگهن. صدر بلوچستان جي احساس محرومي کي ختم ڪرڻ ۽ ان کي ملڪ جي ٻين صوبن جي برابر آڻڻ جي حڪومت عزم جو ورجاءُ ڪيو. گورنر ۽ وڏي وزير صوبي جي ترقي، عوام کي درپيش مسئلن جي حل ۾ گهري دلچسپي وٺڻ تي صدر جو دل جي گهراين سان ٿورو ادا ڪيو.