اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نئون پاڪستان قومي صح?? ڪارڊ ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو پروگرام آهي، يونيورسل هيلٿ ڪوريج جو نظام ڪيترن ئي ترقي يافته ملڪن ۾ به موجود نه آهي، هيلٿ ڪارڊ جو سڀ کان وڌيڪ فائدو غريب ۽ وچولي طبقي کي ٿي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن صح?? جي شعبي جي حوالي سان اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان، صوبائي وزيرن ڊاڪٽر ياسمين راشد ۽ تيمور سليم جهڳڙا شر??ت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي وفاق، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ بنيادي صح?? جي سهولتن جي فراهمي، صح?? ڪارڊ ۽ جاري منصوبن تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو ته نئون پاڪستان قومي صح?? ڪارڊ پروگرام تحت پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ عوام جو وڏو انگ مفت صح?? جي سهولتن مان فائدو کڻي رهيو آهي، حڪومت ملڪ جي پٺتي پيل ضلعن ۾ ٻارن ۾ اسٽنٽڊ گروٿ جي تدارڪ جي لاءِ پروگرام جاري ڪري رهي آهي. ان کانسواءِ ماءُ ۽ ٻار جي صح?? جي بهتري لاءِ پيدائش کانپوءِ ويڪ??ي نيشن جي مڪمل ٿيڻ تائي?? ٻارن جي صح?? جي مڪمل مانيٽرنگ ڪئي ويندي، ملڪ ۾ نرسنگ جي شعبي جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ حڪومت عالمي معيار جي ٽريننگ جي فراهمي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته حڪومت جي قدمن جي ڪري ملڪ ۾ جنرل ويڪ??ي نيشن جي شرح 66 سيڪڙو مان وڌي 76 سيڪڙو ٿي چڪي آهي جڏهن ته پنجاب ۾ ان جي شرح وڌي 91 سيڪڙو ٿي وئي آهي جنهن جي عالمي سطح تي پذيرائي ٿي رهي آهي. ان کانسواءِ ڪورونا ويڪ??ي نيشن جي شرح جي حوالي سان پڻ مقرر ڪيل هدف حاصل ڪيا پيا وڃن. وزيراعظم بنيادي صح?? جي حوالي سان جاري منصوبن ۽ قدمن تي ترجيحي بنيادن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.