لاهور – 10 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪو??ت عام ماڻهو جي ڀلائي لاءِ ترقياتي ۽ سماجي تحفظ جا منصوبا شروع ڪيا آهن، ڪموڊٽي سُپر سائيڪل جي باوجود حڪومت ت??ل ۽ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتا??ي جو اعلان ڪيو ۽ گورننس جي بهتري لاءِ مانيٽرنگ جو جديد نظام متعارف ڪرايو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب جي ناڻي واري وزير هاشم جوان بخت ۽ اسپيشل مانيٽرنگ يونٽ پنجاب جي سربراهه فضيل آصف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.