اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد نائب وزيراعظم ۽ دفاع واري وزير شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود وزيراعظم شهبا?? شريف کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم مبارڪباد تي ولي عهد جا ٿورا مڃيا ۽ ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ل??ءِ سعودي عرب سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهبا?? شريف خادم الحرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي مثالي قيادت ۾ سعودي عرب جي بي مثال ترقي تي ان کي خراج تحسين پيش ڪيو. گذريل 7 ڏهاڪن دوران ٻنهي ملڪن جي ڀائراڻن ۽ تاريخي رابطن ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم محمد شهبا?? شريف انهن لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ جي ل??ءِ پنهنجي حڪومت ۽ پنهنجي عزم کي ورجايو. وزيراعظم محمد شهبا?? شريف ٻطرفن ۽ عالمي فورمن تي سعودي عرب جي تاريخي ۽ مسلسل حمايت ۽ تعاون تي ٿورا مڃيا ۽ سعودي ولي عهد کي يقين ڏياريو ته پاڪستان هر قسم جي حالتن ۾ سعودي عرب سان گڏ بيٺل هو??دو. وزيراعظم محمد شهبا?? شريف ۽ سعودي ولي عهد سمورن شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ سگهه ڏيڻ جي ل??ءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. سعودي ولي عهد وزيراعظم محمد شهبا?? شريف کي سعودي عرب جي دوري جي دعوت ڏني. وزيراعظم محمد شهبا?? شريف پڻ ولي عهد لي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت ڏني.