اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سينئر ڪشميري اڳواڻ محمد ياسين ملڪ کي ڀارتي عدالت پاران جعلي الزامن تي فرد جرم لڳائڻ جي شديد مذمت ڪندي ان ج?? فوري آزادي جو مطالبو ڪيو آهي. ڀ??رت کي والاريل ڪشمير ۾ عالمي قانونن جي خلاف ورزي ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جا ??نگين انساني نتيجا ??رآمد ٿيندا. پرڏيهي وز??رت جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته محمد ياسين ملڪ تي لڳايل من گهڙت الزامن کي ختم ڪري ان ک?? فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي، هن ڀارتي عدالت پاران محمد ياسين ملڪ تي غلط فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته ياسين ملڪ غير قانوني طور تي قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ حريت اڳواڻن ۾ سڀني کان نمايان ۽ قابل اعتراض آواز آهي، ڀ??رت ان ک?? فوري تي آزاد ڪري ۽ ان کي پنهنجي خاندان سان ٻيهر ملڻ جي اجازت ڏني وڃي. هن چيو ته سالن ک??ن جاري ڀارتي ڏاڍ جي خلاف ان جي پختي عزم کي اهڙي غير منصفاڻي فيصلن سان ڪمزور نٿو ڪري سگهجي. پرڏيهي وزير چيو ته ڀ??رت کي والاريل ڪشمير ۾ سڀني سياسي قيدين کي آزاد ڪرڻ ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي روڪڻ گهرجي. ڀ??رت کي ڄاڻ هجي ته هو ڪشميري عوام کي ان جي خودمختياري واري حق جي استعمال کان سدائين لاءِ نٿا روڪي سگهن جيڪو انهن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تحت ڏنو ويو آهي. هن عالمي برادري، گڏيل قومن ۽ انساني حقن جي تنظيمن ک??ن مطالبو ڪيو آهي ته کين ڀ??رت کي محمد ياسين سان ٿيندڙ ان سنگين ناانصافي کي روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته عالمي برادري کي اهو سمجهڻ گهرجي ته جيڪڏهن ڀ??رت کي والاريل ڪشمير ۾ عالمي قانون جي خلاف ورزي ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي ته ان جا ??نگين انساني نتيجا ??رآمد ٿيندا.