اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان پاڪس??ان ۾ آسٽريليا جي نئين مقرر ٿيل هاءِ ڪمشنر نيل هاڪنز ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم گذريل سالن دوران ٻطرفن لاڳاپن ۾ٿيندڙ مستحڪم اڳڀرائي کي ساراهيو ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري، زراعت سميت ڪڻڪ جي پيداوار، چوپائي مال سميت لائيو اسٽاڪ، تع??يمي ۽ تڪنيڪي تعاون، سڌوسنئون مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پاڪس??ان جي خواهش ۽ عزم کي ورجايو. آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ افغانس??ان مان پنهنجي شهرين ۽ ٻين ماڻهن جي محفوظ انخلا ۾ پاڪس??ان جي بطور سهولتڪار ڪرار تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم ان تعاون تي روشني وڌي جيڪو پاڪس??ان افغانس??ان جي صورتحال جي ڏس ۾ خاص طور تي گذريل سال آگسٽ کان عالمي برادري سان جاري رکيو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪس??ان ڀارت سان برابري، انصاف ۽ گ??يل احترام جي اصولن تي ٻڌل پرامن لاڳاپن جو خو??هش??ند اهي. ان ڏس ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو گ??يل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خو??هش?? موجب منصفاڻو ۽ پرامن حل لازمي آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي برادري کي ان سلسلي ۾ سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ڇو ته اهو ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ ضروري آهي. آسٽريلوي هاءِ ڪمشنر وزيراعظم جا ٿورا مڃ??ا ۽ آسٽريل??ا ۽ پاڪس??ان جي وچ م موجود لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.