اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختلف اسٽي??نز تي 118 ايڊيشنل اٽارني جنرل، ڊپٽي اٽارني جنرل ۽ اسسٽنٽ اٽارني جنرل کي خدمتن تا?? هٽائڻ ۽ مختلف اسٽي??نز تي 128 وڪيلن جي بطور ايڊيشنل اٽارني جنرل، ڊپٽي اٽارني جنرل ۽ اسسٽنٽ اٽارني جنرل جي مقرري جي منظوري پڻ ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بي??ن موجب چوڌري عامر رحمان جي ايڊيشنل اٽارني جنرل چار، اسلام آباد مان ايڊيشنل اٽارني جنرل هڪ، اسلام آباد ٽرانسفر جي پڻ منظوري ڏني. مرزا نصر احمد جي ايڊيشنل اٽارني جنرل هڪ، لاهور مان ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻه، لاهور ٽرانسفر جي پڻ منظوري ڏني. وزير ولايت علي جو بطور ڊپٽي اٽارني جنرل، گلگت بلتستان مقرري جو نوٽيفڪيشن پڻ واپس وٺڻ جي منظوري ڏني. صدر خدمتن تا?? هٽائڻ جي منظوري سينٽرل لاء آفيسرز آرڊيننس 1970ع تحت ڏني. عهدو ڇڏيندڙ ۽ مقررين جي منظوري ق??نو?? ۽ انصاف واري وزارت جي سمري تي ڏني وئي.