اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل ق??من جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب متاثر پاڪستان سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ اڄ جمعي کان پاڪستان جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب گڏيل ق??من جي سيڪريٽري جنرل 9 کان 10 سيپٽمبر تائين پاڪستان جو دورو ڪندو جنهن جو مقصد سڄي ملڪ ۾ شديد برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي ۽ قدرتي آفت جو مقابلو ڪندڙ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻو آهي، گڏيل ق??من جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس دوري دوران پاڪستاني قيادت ۽ اعليٰ عملدارن سان ملاقاتون ڪندو جنهن ۾ هو موسمياتي تبديلي سبب ٿيندڙ تباهي جي قومي ۽ عالمي رد عمل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو، سيڪريٽري جنرل موسمياتي تباهي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ علائقن جو دورو به ڪندو جتي هو بي گهر خاندانن ۽ متاثر علائقن ۾ شروعاتي بچاءُ ۽ امدادي ڪارروايون ڪندڙن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو، ترجمان موجب گڏيل ق??من جو سيڪريٽري جنرل لکين م??اثر ماڻهن لاءِ حڪومت جي بچاءُ ۽ امدادي ڪوششن جي حمايت ۾ گڏيل ق??من جي انساني امدادي ڪم جي نگراني ڪندو. گڏيل ق??من جي سيڪريٽري جنرل جو دورو ان قدرتي آفت جي نتيجي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان ۽ وڏي پئماني تي ٿيندڙ تباهي جي باري ۾ عالمي بيداري کي وڌيڪ هٿي وٺرائيندو. گڏيل ق??من جي سيڪريٽري جنرل جو اهو دورو 33 ملين م??اثر پاڪستانين جي انساني ۽ ٻين ضرورتن لاءِ هم آهنگ ۽ جامع عالمي رد عمل کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. گڏيل ق??من جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان جي فلڊ ريسپانس پلان جي فنڊنگ لاءِ 160 ملين آمريڪي ڊالرن جي گڏيل ق??من جي ”فليش اپيل“ جي 30 آگسٽ تي اسلام آباد ۽ جنيوا ۾ هڪ ئي ??قت منعقد ٿيندڙ لانچنگ تقريب ۾ هڪ طاقتور وڊيو پيغام ۾ فعال طور تي حمايت ڪئي، گڏيل ق??من جي سيڪريٽري جنرل مسلسل اهڙي طرح جي آفتن کي موسمياتي تبديلي جي اثرن سان جوڙڻ تي زور ڏيندو رهيو آهي ۽ هو عالمي برادري کي خبردار ڪندو رهيو آهي ته جيڪڏهن موسمياتي تبديلين کي وقت سر ۽ موثر طريقي سان حل نه ڪيو ويو ته ان سان اسان جا سيارا سنگين خطرن جي ور چڙهيل هوندا، گڏيل ق??من جي سيڪريٽري جنرل جو پاڪستان جو دورو ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي ۽ نئي?? سر تعمير جي مرحلي ۽ مستقبل ۾ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي پائيدار عالمي حمايت جي اهميت کي به اجاگر ڪندو.