نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي نيويارڪ ۾ ڊ??نم??رڪ جي پرڏيهي وزير جي پي ڪوفوڊ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي پرڏيهي وزيرن ڊ??نم??رڪ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جنهن ۾ گذريل ڏهاڪن دوران مسلسل اضافو ٿيو آهي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ويجهو تعاون جاري رکڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. پاڪستان ڊ??نم??رڪ کي هڪ اهم ٻطرفي پارٽنر سان گڏوگڏ يورپي يونين جي هڪ اهم ميمبر طور اهميت ڏي ٿو. پرڏيهي وزير ڊ??نم??رڪ سان پاڪستان جي سياسي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ، اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏي?? ۽ تعليمي تعاون ??ي وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته ڊ??نم??رڪ پاڪستان کي اقتصادي طور تي خاص طور تي قابل تجديد توانائي جي شعبي ۾ شامل ڪرڻ ۽ ڊ??نم??رڪ جون ??مپنيون پاڪستان ۾ قابل تجديد توانائي جي م??رڪيٽ ۾ داخل ٿيڻ جي خواهش رکن ٿيون. پرڏيهي وزير زور ڏنو ته عالمي برادري کي افغانستان کي نه وسارڻ گهرجي ۽ افغانستان کي درپيش سنگين انساني صورتحال کي منهن ڏي?? جي لاءِ گڏ هجڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان افغانستان جي عوام لاءِ انساني امداد جي فراهمي جاري رکي آهي. پرڏيهي وزير والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين طرف به ڌيان ڇڪرايو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ جي ڏس ۾ ڊ??نم??رڪ جي امداد کي به ساراهيو.