اسلام آباد – 13 – آڪٽوبر (ا?? پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف موٽروي ايم نائن تي نوري آباد ويجهو بس ۾ باهه لڳڻ جي واقعي ۾ قيمتي جاني?? جي زيان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هُو نوري آباد ويجهو سپر هاءِ وي تي بس کي باهه لڳڻ جي واقعي ۾ قيمتي جاني?? جي زيان تي شديد ڏکويل آهي. هن الله تعاليٰ کان دعا ڪئي ته ان حادثي ۾ فوت ٿيندڙن کي جنت ۾ جڳهه ڏي، ڏکويل خاندا??ن کي صبر جميل عطا فرمائي ۽ زخمين کي جلد صحتيابي ڏي.