اسلام آباد-14 نومبر (اي پي پي) مصر ۾ رٿيل ڪوپ 27 جي هاڻوڪي سربراهه اجلاس ۾ موسمياتي ??نصاف لاءِ قيادت ڪرڻ ۽ ايجنڊا ۾ نقصانن کي شامل ڪرائڻ پاڪستان جي تمام وڏي ڪاميابي آهي، پاڪستان امير ملڪن کان غريب ملڪن کي ان بحران جي ازالي ڪرڻ لاءِ مطالبي جي اڳواڻي ڪري رهيو آهي، جنهن بحران جو سبب هو نه ??هي. آمريڪي رسالي فارن پاليسي پنهنجي هاڻوڪي مضمون ۾ چيو آهي ته پاڪستان گذريل ??ڪ ڏهاڪي کان موسمياتي ??باهيءَ جو شڪار آهي، عالمي سطح تي ڪاربن جي نيڪال ۾ ان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر ان کي انتهائي ماحولياتي ??بديليءَ جو سڀ کان و??و خطرو ??هي. آسٽريلوي صحافي ۽ ڪالم نگار اوڊونيل ??ائيني جي لکيل ??ضمون ۾ چيو ويو آهي ته مون سون بارشن ۽ ٻوڏ سبب پاڪستان جو هڪ ڀاڱي ٽيو حصو ٻوڙي ڇڏيو جنهن جي نتيجي 2 ۾ هزار ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا، فصل تباهه ٿي ويا، لکين ماڻهو بي گهر ٿيا، جڏهن ته پاڪستان جي معيشت کي ٿيل ??قصان جو ڪاٿو 40 ارب ڊالر لڳايو ويو ??هي. گذريل ??فتي مصر جي شهر شرم الشيخ ۾ گڏيل ??ومن جي موسمياتي ??بديليءَ جي ڪانفرنس ڪوپ 27 ۾ وزيراعظم شهباز شريف جو خطاب جو حوالو ڏيندي مضمون نگار چيو ته پاڪستان هڪ اهڙي انساني آفت جو شڪار آهي جنهن سان اسان جو ڪوبه تعلق ناهي. ڪوپ 27 جي وائيس چيئر طور وزيراعظم شهباز شريف ماحولياتي ??بديليءَ سبب ٿيل انهن نقصان جي مالياتي ??ريقه ڪار تي ??ور ڀريو جيڪو اُسرندڙ ملڪن کي پابند ڪندو ته هو متاثرن ملڪن کي ماحولياتي ??بديلين جي اثرن جي ادائگيءَ ۾ مدد ڪري ۽ توانائيءَ کان محروم ملڪن کي ان جو حصو بڻجڻ کان روڪي ۽ کين توانائي جي صاف سٿري ذريعن جي منتقلي ۾ مدد فراهم ڪري. ڪوپ 27 ۾ اهو سوال ڇانيل رهيو ته امير ملڪ غريب ملڪن جي آبهوا جي چئلينجن کي گهٽ ڪرڻ ۾ ڪهڙيءَ طرح مدد ڪري سگهن ٿا. هاڻوڪي سربراهي اجلاس لاءِ تيار ڪيل ??ڪ رپ??رٽ مان خبر پوي ٿي ته اُسرندڙ ملڪن کي تقريبن هڪ ٽريلين ڊالر ساليانو پرڏيهي موسمياتي فنانسن جي ضرورت هوندو.