اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پ?? پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي خصوصي ماڻهن بابت بيانيي کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن جي بحالي ۽ ترقي ۾ درپيش چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ معاشرتي روين ۾ تبديلي جي ضرورت آهي. هن ڪراچي ڊائون سن??روم پروگرام جو دورو ڪيو ۽ ڊائون سن??روم کان متاثر ماڻهن کي معاشري ۾ ضم ڪرڻ جي لاءِ تنظيم جي ڪوششن کي ساراهيو. خاتون اول خاص طور تي شروعاتي سالن ۾ خاندان جي مدد ۽ انهن جي شموليت جي ضرورت تي پڻ ڳاله?? ڪئي. هن خصوصي ماڻهن کي قومي معيشت ۾ ضم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن انهن جي تشخص کي تبديل ڪري سگهجي. خاتون اول لرننگ سينٽر ۾ ٻارن ۽ انهن جي والدين سان ڳالهه ٻوله?? ڪئي ۽ ڊائون سن??روم جي شڪار ماڻهن کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ڪي ڊي ايس پي جي ڪم کي ساراهيو. ڪراچي ڊائون سن??روم پروگرام هڪ غير منافعو ڏيندڙ تنظيم آهي جيڪا ٻارن ۽ ڊائون سن??روم جي شڪار ماڻهن جي سارسنڀال جي طريقيڪار جي نئين سر وضاحت جي لاءِ وقف آهي. اها تنظيم گذريل 8 سالن کان ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن ڊائون سن??رم جي شڪار ماڻهن کي هڪ ٺوس معاشري ?? آزاد ۽ پيداواري زندگي گذارڻ جي قابل بڻائي سگهجي.