اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پرڏيهي معاملن واري وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب ملاقات ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، و??پار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر ۽ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ ايندڙ مهيني جنيوا ۾ ٿيندڙ ريزيلئينٽ پاڪستان ڪانفرنس جي حوالي س??ن تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراع??م کي ڪانفرنس جي تيارين بابت بريفنگ ڏني وئي. وڌيڪ اهو ته پرڏيهي وزير وزيراع??م کي پنهنجي آمريڪا جي تازي دوري جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو.