اسلام آباد – 12 – ج??ور?? (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان برطانوي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر ڪرسچن ٽرنر پرڏيهي وزارت ۾ الوداعي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ پاڪ برطانيا ??اڳاپن سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير برطانيا ??اران ٻوڏ متاثرين جي بح??لي لاءِ 90 لک پائونڊ جي اضافي مدد جي اعلان تي ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير ملاقات دوران برطانوي هاءِ ڪمشنر پاران پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين بابت آگاهي جي قدمن کي ساراهيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر جي لاءِ نيڪ خواهشن جو به اظهار ڪيو.