اسلام آباد – 02 – فيبروري (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف جعفر خان من??وخيل کي پاڪستان مسلم ليگ (ن) بلوچستان جو صدر مقرر ڪر?? ڇڏيو آهي. جعفر خان من??وخيل کي پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قائد ميان محمد نواز شريف پارٽي جي مشاورت سان پاڪستان مسلم ليگ (ن) بلوچستان جو صدر نامزد ڪيو هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جعفر خان من??وخيل ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جعفر خان من??وخيل کي نئين ذميواري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته جعفر من??وخيل بلوچستان ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) کي ??هتر طور من??م ڪندو ۽ پارٽي جي معاملن کي ??هتر طريقي سان س??انجام ڏيندو. ملاقات ۾ اڳوڻو وزيراعظم ۽ قومي اسيمبلي ميمبر شاهد خاقان عباسي ۽ تعليم وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين پڻ موجود هئا.