اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز ??ٿا??ٽي جي ڪارڪردگي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي سربراهي ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز ??ٿا??ٽي کي ??عال ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، جيڪا هڪ هفتي جي اندر پنهنجون سفارشون پيش ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز ??ٿا??ٽي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. وزيراعظم ??ٿا??ٽي جي ڪارڪردگي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ ۾ موجوده وسيلن جو وڌيڪ زيان ڪنهن به صورت ۾ قبول نه آهي، باصلاحيت پاڪستاني نوجوان آءِ ٽي جي شعبي ۾ پنهنجو روزگار ڪمائي رهيا آهن، جڏهن ته لاڳاپيل ??ٿا??ٽي غيرفعال آهي. وزيراعظم اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز ??ٿا??ٽي فعال ڪرڻ جي لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي، جنهن جو سربراهه ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار هوندو، جڏهن ته انفارميشن ٽيڪنالاجي وارو وفاقي وزير، قانون وارو وفاقي وزير، سيڙپڪاري وارو وفاقي وزير، وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما، سينيٽر افنان الله ۽ سي ڊي اي جو چيئرمين ڪميٽي جا ميمبر هوندا. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪميٽي هڪ هفتي جي اندر اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز ??ٿا??ٽي کي ??عال ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون سفارشون پيش ڪري. ??ٿا??ٽي جي ??ور?? آف گورنرز کي به فو??ي طور تي فعال ڪيو وڃي. ??ور?? آف گورنرز ۾ لاڳاپيل شعبي جي ماهرن جي موجودگي يقيني بڻائين. وزيراعظم ??ٿا??ٽي ۾ پلاٽن ۾ سيڙپڪاري بدران ان جي اصل مقصد يعني ملڪ ۾ ٽيڪنالاجي جي فروغ تي ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز ??ٿا??ٽي جي سڌارن ۽ ان کي ??عال ڪرڻ جي لاءِ قدمن ۾ وڌيڪ ڪنهن به قسم جي دير قبول نه ڪئي ويندي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) پنهنجي دور ۾ نوجوانن کي آءِ ٽي روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ هنر ڏيڻ جو بنياد رکيو. ڪورونا وائرس جي وبا دوران نوجوانن کي ڏنل ليپ ٽاپ سان لکين ماڻهن روزگار ڪمايو. اجلاس ۾ وفاقي وزير اسحاق ڊار، چوڌري سالڪ حسين، سيد امين الحق، وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما، خصوصي مددگار جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي اسپيشل ٽيڪنالاجي زونز جي حوالي سان بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ??ٿا??ٽي ۾ هن وقت 400 ڪمپنيون رجسٽرڊ آهن، جن مان 63 سيڪڙو پاڪستاني جڏهن ته باقي چين، آمريڪا، ترڪيه ۽ ٻين ملڪن سان تعلق ر??ن ٿيون. اجلاس کي ??ٿا??ٽي ??ور?? جي گورننس ۽ مسئلن بابت آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم ??ٿا??ٽي کي ??عال ۽ موثر طريقي سان ملڪي آءِ ٽي روانگي واپار ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ قدمن کي ترجيحي بنيادن تي لاڳو ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.