اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي ٽيڪس محتسب جي خدمتن جو دائرو وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ٽيڪس معاملن ۾ عملدارن جي بدانتظامي جي خلاف فوري انصاف جي فرا??مي ۾ محتسب جي ڪردار بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هو وفاقي ٽيڪس محتسب سال 2022?? جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وفاقي ٽيڪس محتسب ڊاڪٽر آصف محمود جاهه صدر کي سال 2022?? جي رپورٽ پيش ڪئي. ان موقعي تي صدر کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايف ٽي او کي سال 2022?? دوران 7000 شڪايتون مليون، 2021ع ۾ 2816 شڪايتون مليون، سال 2022?? دوران 7000 ??ان 6500 شڪايتن جو ازالو ڪيو ويو، ٽيڪس محتسب 7 ارب رپين جي ريفنڊ ڪليمز جي رقم ايف بي آر کان ٽيڪس ڏيندڙن کي ا??ا ڪرائي. ايف ٽي او جي 78 سيڪڙو فيصلن تي عملدرآمد ٿي چڪو، روزاني جي بنياد تي فيصلن تي عملدرآمد جي نگراني ڪئي پئي وڃي، وفاقي ٽيڪسن بابت ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي شڪايتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ايف ٽي او سيڪريٽريٽ ۾ هڪ اوورسيز پاڪستانيز شڪايت ازالو سيل ??ائ?? ڪيو ويو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪسٽمز/ ٽيڪس بابت سموريون خدمتون حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٽيڪس ڏيندڙن جي لاءِ سهولت ڊيڪس پڻ ??ائ?? ڪيو ويو آهي جڏهن ته مختلف چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ ٻين واپاري ا??ارن جي ا??زازي ڪوآرڊينيٽرز کي هيڊڪوارٽر ۽ علائ??ائ?? آفيسن ۾ مقرر ڪيو ويو آهي. سال 2022?? دوران 88 کان وڌيڪ آگاهي سيشنز ڪيا ويا. سڄي ملڪ ۾ وفاقي ٽيڪس محتسب جي پهچ وڌائڻ جي لاءِ هڪ رابطه مهم هلائي وئي. صدر وفاقي ٽيڪس محتسب پاران پهچ وڌائڻ ۽ ٽيڪس ڏيندڙن کي ريليف پهچائڻ تي ا??اري جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.