اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تحريڪ انصاف جا سهولتڪار اڃا به ادارن ۾ موجود آهن، انهن کي خبر آهي ته پاڪستان جم??وريت طرف گامزن رهيو ته انهن جي سياست ختم ٿي ويندي، اهو ئي سبب آهي ج?? اڳوڻن آمرن جي سڄي اولاد تحريڪ انصاف ۾ آهي، هي قانون تمام گهڻ?? اڳ ۾ اچي وڃڻ گهرجي ها، 2008ع کان هن ايوان جي توهين ڪئي پئي وئي آخرڪار 2023ع ۾ پارليامينٽ قانون تحت ان جو جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ عدليه جي حوال?? سان بل جي پهرين خواندگي تي پنهنجي خطاب ۾ هن چيو ته پاڪستان هن وق?? مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ اسان معاشي، جم??وري، آئيني بحرانن سميت دهشتگردي جو مقابلو ڪيو، هن وقت تاريخ جي بدترين مهانگائي جو مقابلو ڪري رهيا آهيون ڇو ته اڳوڻي وزيراعظم ملڪ کي معاشي بحران ۾ مبتلا ڪيو، معاشي بحران جا ڪجهه سبب اهڙا آهن جن تي اسان جو اختيار نه آهي، ڪوويڊ 19 جي ڪري دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا ماڻهو شديد معاشي مشڪلاتن جو شڪار آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻوڏ جي ڪري 33 ملين ماڻهو ۽ پاڪستان جو ٽيون حصو پاڻي ۾ ٻڏل رهيو، اها تاريخي قدرتي آفت هئي جنهن اسان جي معيشت کي نقصان پهچايو، ان سان گڏوگڏ سيڪيورٽ?? جي مسئلن ڪنڌ کنيو آهي، اڳوڻي وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ کي دهشتگردن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، اسان جي سياسي قائدين، پوليس، فوج جي آفيسرن ۽ جوانن دهشتگردي جو بهادر?? سان مقابلو ڪيو ۽ ان جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي. هن چيو ته وري اسان جي بدقسمتي آهي جو هتي هڪ اهڙو وزيراعظم مڙهيو ويو جنهن اي پي ايس تي حملو ڪندڙ دهشتگردن ک?? جيل مان آزاد ڪرايو ۽ معاف ڪيو، قبائلي عوام دهشتگردي جو بهادر?? سان مقابلو ڪيو آهي، اڳوڻي وزيراعظم انهن دهشتگردن کي افغانستان مان آڻي اسان جي قبائلي علائقن ۾ رهايو، ملڪ جي معاشي ۽ سيڪيورٽي بحران جي پٺيان اڳوڻو سليڪيٽيڊ وزيراعظم آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان مشرف دور کانپوءِ جم??وريت جي بحالي لاءِ ميثاق جم??وريت تي صحيحون ڪرايون، 18 هين ترميم جي ذريعي 1973ع جو آئين بحال ڪيو جنهن جي ڪري ڪجهه جم??وري قوتن پوري طرح متحرڪ ٿي سياسي قيادت جي خلاف ميڊيا ٽرائل شروع ڪري ڇڏيو ته جيئن پاڪستان جي عوام جو سياسي قيادت تان اعتماد کڄي وڃي. هن چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري سپريم ڪورٽ جي آمريت قائم ڪئي، انهن سمورن قدمن جو مقصد جم??وريت کي بدنام ڪري هاءِ بريڊ نظام قائم ڪرڻ هو، عمران خان کي اسان جي اسٽيبلشمينٽ سياست ۾ وٺي آئي، اسان جي هر جم??وري قدم تي سدائين غيرجمهوري رويا سامهون آيا، اسان جم??وري طور تي بي اعتماد?? جي رٿ آندي جنهن جي جواب ۾ آئين ٽوڙيو ويو، اسان کي ڏسڻ گهرجي ته اسان انهن بحرانن کي منهن ڇو ڏئي رهيا آهيون، اسان سدائين تاريخ لکي پر ان جي ردعمل جي طور تي ورڇ ۽ سازشون سامهون آيون. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هينئر به آمرن جي سڄي اولاد تحريڪ انصاف ۾ آهي ڇو ته انهن مان ڪير به پنهنجي زور تي چونڊون نه ٿو کٽي سگهي، اڃا به ادارن ۾ عمران خان جا سهولتڪار موجود آهن، انهن کي خبر آهي ته پاڪستان جيڪڏهن جم??وريت طرف گامزن رهيو ته انهن جي سياست ختم ٿي ويندي. هن چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار وٽ ڪنهن آئين ۽ قانون تحت ڊيم فنڊ قائم ڪرڻ جو اختيار نه هو. هن چيو ته هي قانون تمام گهڻ?? اڳ ۾ اچي وڃڻ گهرجي ها ڇو ته 2008ع کان هن ايوان جي توهين ڪئي پئي وئي آخرڪار 2023ع ۾ پارليامينٽ فيصلو ڪيو ته اسان قانون تحت ان جو جواب ڏينداسين.