اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اسلامي جمهوريه ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 10 مارچ تي بيجنگ ۾ ايران، سعودي ??رب ۽ چين پاران گڏيل ٽه ڌريي بيان تي صحيحن تي مبارڪباد ڏيندي ??عودي ??رب ۽ ايران جي وچ ۾ سفاري لاڳاپن جي بحالي کي ٻنهي ملڪن جي قيادت جي دانشمندي ۽ دوراندي??ي جو ثبوت قرار ڏنو. پرڏيهي وزير ان عمل کي آسان بڻائڻ ۾ چين جي اهم ڪ??دار کي پڻ ساراهيو. بلاول ڀٽو زرداري ايران ۽ سعودي ??رب ٻنهي سان پاڪستان جي ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن تي زور ڏيندي چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي تجديد پ??ري خطي جي لاءِ امن، خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ مددگار ثابت ٿيندي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ايران جي لاڳاپن کي وڌائڻ جي رفتار جو ذڪر ڪندي ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.