اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاو?? ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن. پرڏيهي آفيس موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن تاجڪستان جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير محمد سعيد سرور سان ملاقات دوران ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير نئين ذميوارين تي سعيد سرور جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. بلاو?? ڀٽو زرداري تاجڪستان سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان جا تاجڪستان سان گهرا تاريخي ۽ ثقافتي رابطا آ??ن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن.