اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي چيو آهي ته انساني سرمائي ۾ ناڪافي سيڙپڪاري هڪ اهم مسئلو آهي جنهن تي ادارجاتي سطح تي ۽ سياسي قيادت پاران ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ادارن ۽ سياسي قيادت تي قومي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي سجيدگي جو مظاهرو ڪن، متحد ٿين ۽ ڊيليور ڪن. صدر ان ??ال??ه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته حقيقت ۾ اهي ملڪ جا اصل مسئلا آهن پر درپيش حالتن ۾ اهي مسئلا پس منظر ۾ هليا ويا آهن. ڊاڪٽر عارف عل??ي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عالمي بئنڪ ۽ پاڪستان هيومن ڪيپيٽل ري??يو جي ڊيٽا تي ٻڌل هڪ قومي روزنامي ۾ شايع ٿيندڙ مضمون پڻ شيئر ڪيو. عالمي بئنڪ جي هڪ نئين رپورٽ ۾ چيو ??يو آهي ته گهٽ انساني سرمائي جي سيڙپڪاري پاڪستان جي 2047ع تائين هڪ اعليٰ وچولي آمدني وارو ملڪ بڻجڻ جي ڪوششن کي محدود ڪندو. پاڪستان هيومن ڪيپيٽل ري??يو موجب جيڪڏهن پاڪستان انساني سرمائي جي ترقي ۾ پنهنجي موجوده رستي تي گامزن رهي ٿو ته 2047ع تائين ان جي في ڪس جي ڊي پي مجموعي طور تي رڳو 18 ??يڪ??و تائين وڌندي.