اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وفاقي حڪ??مت عوامي صحت جي سهولتن جي وڌندڙ طلب کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سستي ۽ پهچ جوڳي سهولتن تي ڌيان ڏيندي پنهنجي شاندار قدمن جي ذريعي ملڪ ۾ خصوصي طبي ۽ مشاورتي سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان نمايان اڳڀر??ئي ڪئي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ج?? قيادت ۾ حڪ??مت پاران وگادي گادي واري شهر ۾ آٽزم سينٽر جو قيام، دماغي صحت جي هيلپ لائين ۽ زندگي بچائيندڙ سي پي آر ٽريننگ پروگرام جي شروعات ۽ قيدين کي طبي تعليم حاصل ڪرڻ جي اجازت سميت جيڪي قدم کنيا ويا آهن، اهي قدم انهن جي وڌيڪ برابري ۽ جديد صحت جي سارسنڀال جي نظام جي جوڙجڪ سميت وسيع تر عزم جو اظهار اهي. صحت جي شعبي ۾ سرنديءَ وارن جي تعاون جي حوصلا افز??ئي جي لاءِ وزيراعظم تازو ئي لاهور ۾ 600 بسترن تي ٻڌل انڊس اسپتال جو افتتاح ڪيو ۽ سرنديءَ وارن تي زور ڏنو ته اهي صحت ۽ تعليم جي ميدان ۾ اڳتي اچن ۽ غريب ۽ مستحق ماڻهن جي تڪليفن جي خاتمي لاءِ دل کولي عطيو ڏين. هن لاهور ۾ ڇهه ماڙ ۽ 350 بسترن تي ٻڌل سليم ميموريل ٽرسٽ اسپتال جو افتتاح پڻ ڪيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته اها سهولت عالمي معيار جي علاج جي سهولتن سان گڏ بيمار انسانيت جي خدمت ڪندي. شهباز شريف وڏي وزير طور پنهنجي دور ۾ صوبي ۾ مختلف اسپتالون ٺاهيون ۽ اپ گريڊ ڪيو. ترڪ حڪ??مت پاران مظفر ڳڙهه ۾ 250 بسترن تي ٻڌل جديد ترين رجب طيب اردوان اسپتال 2010ع جي ٻوڏ دوران قائم ڪئي وئي هئي. وزيراعظم شهباز شريف اسپتال جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پنجاب جو وڏو وزير هوندي هن 20 ارب رپيا گڏ ڪري پنجاب انڊومنٽ فنڊ کي فعال ڪيو ۽ ان فنڊ سان وڏي انگ ۾ يتيم ٻارن جي ڪفالت ڪئي جنهن کي بدقسمتي سان گذريل حڪ??مت بند ڪري ڇڏيو. جڏهن ته هن يقين ڏياريو ته سندس حڪ??مت انڊومنٽ فنڊ ۽ سي ايم سيلف ايمپلائمنٽ اسڪيم سميت اهڙين سمورين عوام دوست اسڪيمن کي بحال ڪندي. مسلم ليگ (ن) جي حڪ??مت 20 ارب جي لاڳت سان پي ڪي ايل آئي اسپتال پڻ ٺاهي هئي جنهن تي اڳوڻي حڪ??مت سياست ڪئي هئي جنهن سان تمام گهڻو نقصان ٿيو. سڄي پنجاب ۾ هيپاٽائيٽس فلٽر سينٽرز ٺاهيا ويا جتي سڄي ملڪ مان مريض علاج جي لاءِ ايندا هئا. مهانگ??ئي جي ستايل عوام جي لاءِ دوائون سستيون ڪرڻ ۽ انهن تائين پهچ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ حڪ??مت عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ 20 دوائن ج?? قيمتن ۾ 30 سيڪڙو تائين گهٽت??ئي ڪئي. اڪثر دوائن ج?? قيمتن ۾ گهٽت??ئي جو تناسب 30 سيڪڙو رهيو ۽ 54 ٻين دوائن جون قيمتون پڻ مقرر ڪيون ويون. وزيراعظم تازو ئي شهرين جي ذهني صحت ۽ تندرستي جي لاءِ ”همراز“ ذهني صحت ايپلي ڪيشن ۽ ٺوس هيلپ لائين 1166 جي شروعات ڪئي. شهري جيڪڏهن ڊپريشن، ٽينشن يا ذهني ڇڪتاڻ جو شڪار آهن ته 1166 تي مفت ڪال ڪري نفسياتي ماهرن ۽ ڊاڪٽرن سان مشورو ڪري سگهن ٿا. موجوده حڪ??مت عام ماڻهن جي لاءِ وزيراعظم نيشنل سي پي آر (ڪارڊيو پلمونري ريسوسي ايشن) پروگرام شروع ڪيو ته جيئن دل جو دورو پوڻ جر صورت ۾ مريض جي زندگي بچ??ئي سگهجي. حڪ??مت تازو ئي وفاقي گادي واري شهر ۾ ٻارن جي لاءِ نيشنل آٽزم اينڊ مينٽل هيلٿ سينٽر قائم ڪيو آهي جيڪو ملڪ ۾ اهڙي طرح جي پهرين اعليٰ معيار جي سهولت آهي. پهرين مرحلي ۾ اهو سينٽر او پي ڊي ۾ تشخيصي ۽ علاج جون سهولتون فراهم ڪندو. صحت جي برابر تعليمي نظام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ وفاقي حڪ??مت پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن (پي ايم سي) کي ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن جي ايندڙ داخلا ٽيسٽ ۾ نوجوان قيدين کي شامل ڪرڻ جي لاءِ انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي. حڪ??مت وفاقي گادي واري شهر ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) ۾ ڪڊني ٽرانسپلانٽ سينٽر قائم ڪري رهي آهي ۽ ان سهولت کي فعال بڻائڻ جي لاءِ ناليواري رينل ۽ ليور ٽرانسپلانٽ سرجنز کي پڻ شامل ڪندي. صحت واري وفاقي وزارت صوبن سان گڏجي پاڪستان ۾ تمباڪو نوشي تي ضابطو آڻڻ جي ڪوششن کي موثر بڻائڻ جي لاءِ قومي تمبا??و ڪنٽرول پاليسي تيار ڪئي آهي، ان پاليسي تحت تمابڪو جي هر قسم جي اشتهارن، پروموشنز ۽ اسپانسرشپ تي پابندي هڻي ڇڏي آهي، ان کانسواءِ 60 سيڪڙو سگريٽ جي پيڪيٽ سان گڏ ۽ ٻاهر گرافڪ هيلٿ وارننگ تي عمل ڪيو پيو وڃي.