اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي ??ڪومت خدمتن جي فراهمي جي پنهنجي ??اک کي برقرار رکندي پنهنجي پهرين سال ۾ 300 ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي نيشنل گرڊ ۾ شامل ڪئي. وزيراعظم 11 اپريل 2022ع تي عهدو سنڀالڻ کان وٺي پاڪستان کي توانائي جي ??عبي ۾ پاڻڀرو ڪرڻ جي ??ستي تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ??ميواري پوري ڪندي وڏي اڳڀرائي ڪئي آهي. دستياب انگن اکرن موجب هن گذريل هڪ سال ۾ 5 اهم بجلي گهرن جو افتتاح ڪيو، ج??هن سان ملڪ جي ??وانائي جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي ڪوششن ۾ 3150 ميگاواٽ توانائي نيشنل گرڊ ۾ شامل ڪئي وئي. اها ڳالهه واضح آهي ته گرمين ۾ پاڪستان جي ??وانائي جي ??رورتن ۾ تمام گهڻو اضافو ٿئي ٿو ۽ طلب ۽ پهچ جو فرق هزارين ميگاواٽ تائين وڌي وڃي ٿو. توانائي واري وزارت جي ??نگن اکرن موجب گذريل سال آگسٽ ۾ بجلي جي پهچ 20500 ميگاواٽ جي مقابلي ۾ طلب 28 هزار ميگاواٽ تائين پهچي وئي هئي ت??هن ڪري موجوده حڪومت گرمين ۾ بجلي جي ??حران کي روڪڻ جي لاءِ ڪوئلي جهڙي توانائي جي مقامي وسيلن جي ??رقي تي ڌيان ڏئي رهي آهي. وزيراعظم گذريل مهينن ۾ سنڌ جي پنهنجي ??ورن دوران ٿرپارڪر ۾ ڪوئلي تي ٻڌل 1980 ميگاواٽ جي ٽن پاور پراجيڪٽس جو افتتاح ڪيو. اهي منصوبا پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبي تحت چين جي ??عاون سان مڪمل ڪيا ويا. ا??هن منصوبن ۾ ٿر انرجي ??و 330 ميگاواٽ جو پاور پلانٽ، مٺي ۾ 330 ميگاواٽ جو ٿل نووا پاور پلانٽ ۽ ٿر ۾ 1320 ميگاواٽ جو شنگهائي اليڪٽرڪ پاور پلانٽ شامل آهي. ڪوئلي سان هلندڙ پاور پلانٽس هر سال اٽڪل 15 ارب يونٽ گهٽ لاڳت جي ??جلي پيدا ڪندا. حڪومت ٿر جي 175 بلين ٽن ڪوئلي جي ??خيرن مان فائدو کڻڻ جي ??واهشمند آهي ۽ توانائي جي ماهرن موجب جيڪڏهن ذخيرن ۾ صحيح طريقي سان استعمال ڪيو وڃي ته ايندڙ 300 سالن تائين ملڪ جي ??جلي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ ڪافي هوندو. حڪومت ملڪ جي ڪوئلي سان هلندڙ پاور پلان??س کي ترتيبوار ٿر جي ڪوئلي تي منتقل ڪرڻ تي غور ڪري رهي آهي ج??هن جو مقصد مهانگي درآمدي ڪوئلي تي دارومدار گهٽ ڪرڻ آهي. هن سال فيبروري ۾ وزيراعظم ڪراچي نيوڪليئر پاور پلانٽ جي ٽئين يونٽ ڪي – ٿري جو پڻ افتتاح ڪيو جيڪو 1100 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪندو. ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ 60000 ميگاواٽ جي ??يراستعمال شده پن بجلي جي ??لاحيت موجود آهي. پن بجلي جي پيداوار طرف اڳڀرائي ڪندي ڊسمبر 2022ع ۾ وزيراعظم منگلا پاور اسٽيشن جي ٻن تجديد شده يونٽن جو افتتاح ڪيو. ا??هن يون??س کي آمريڪا جي ??المي ترقي بابت اداري (يو ايس ايڊ) جي مالي معاونت سان اپ گريڊ ڪيو ويو ج??هن سان ٽرانسميشن سسٽم ۾ 70 ميگاواٽ بجلي جو اضافو ٿيو آهي. دستياب انگن اکرن موجب پاڪستان جو توانائي جو ساليانو درآمدي بل 27 بلين ڊالر ۽ ڳڻتي جوڳي ڪرنٽ اڪائونٽ خساري تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ان کي فوري طور تي شمسي، هوا، هائيڊل ۽ نيوڪليئر سميت توانائي جي متبادل مقامي ذريعن کي ترقي ڏيڻ جي ??رورت آهي. پاڪستان جو توانائي جو شعبو هن وقت تيل ۽ گئس جي ??رآمدات تي تمام گهڻو دارومدار ڪري ٿو ت??هن ڪري وزيراعظم شهباز شريف جي ??ڪومت ان دارومدار کي گهٽ ڪرڻ ۽ صاف توانائي جي مقامي ذريعن طرف وڌڻ جي لاءِ وڏا قدم کنيا آهن. سڀ کان اڳ ترقي بابت سعودي فنڊ (ايس ايف ڊي) اپريل ۾ پاڪستان جي مهمند ملٽي پرپز ڊيم پراجيڪٽ جي لاءِ 240 ملين ڊالر جي قرض معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون. هن مهيني قومي اقتصادي ڪائونسل جي ??يگزيڪيوٽو ڪميٽي (ايڪنڪ) پڻ 1.2 ٽريلين رپين جي لاڳت جي ??يامير ڀاشا هائيڊرو پاور جنريشن پراجيڪٽ جي منظوري ڏني. شهباز شريف حڪومت اڳ ۾ ئي چيني ڪمپنين جي ??عاون ۽ سيڙپڪاري حاصل ڪندي پاڪستان ۾ ا??هن ٻن وڏن هائيڊرو پراجيڪٽس جي ??عمير ۾ مصروف آهي ته جيئن گهٽ لاڳت ۽ پائيدار توانائي سان بجلي جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملي سگهي.