لاهور- 22 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ فوج، پاڪ فضائيه ۽ پاڪ بحريه جي سربراهن کي ٽيليفون تي عيد جون مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم پريس ونگ موجب وزيراعظم شهباز شريف ??يئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مر??ا کي ٽيليفون ڪيو ۽ عيد جون مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير، پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو ۽ پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي کي به فون ڪيو ۽ عيدالفطر جون مبارڪون ڏيندي چيو ته پاڪستاني قوم کي پنهنجي فوج تي ??خر آهي. پاڪستاني قوم پنهنجي سرحدن تي موجود محافظن جي ڪري امن ۽ سڪون سان عيد جون خوشيون ملهائي رهي آهي. هن چيو ته مون سميت پوري قوم پاڪ فوج جي ان بهادر ?? فرض شناس جوانن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي.