لاهور- 22 – اپريل (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طي?? اردوان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ ترڪيه جي حڪومت، قيادت ۽ عوام کي عيدالفطر جون مبارڪون ڏنيون. وزير??عظ?? آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق وزير??عظ?? ترڪيه ۾ 6 فيبروري جي زلزلي ج?? متاثرن لاءِ به دع?? ڪئي ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي دوران ترڪيه سان گڏ بيهڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. صدر اردوان وزير??عظ?? جي عيد مبارڪ جو گرمجوشي سان جواب ڏنو ۽ پاڪستاني عوام لاءِ پنهنجي خصوصي ڀائراڻي جذبن ۽ پيار جو اظهار ڪيو. ترڪ صدر زلزلي دوران مشڪل جي گهڙي ۾ ساڻن گڏ بيهڻ تي پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جو شڪريو ادا ڪيو ۽ پيغام ڏنو ته هو پاڪستان جي امداد کي ڪڏهن به نه وساريندا. ترڪ صدر زلزلي کانپوءِ وزير??عظ?? جي ترڪيه جي دوري کي به ساراهيندي چيو ته پاڪستان جيڪو قيادت جو مظاهرو ڪيو اهو سد??ئين ياد رکنداسين. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ڀائرن ملڪن وچ ۾ بهترين ٻطرفن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار، معيشت، غذائي تحفظ ۽ متبادل توانائي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن سمورن اهم علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي هڪٻئي سان ويجهي رابطي ۾ رهڻ جي عزم جو ورجاءُ پڻ ڪيو. وزير??عظ?? صدر اردوان کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني جنهن کي هن قبول ڪري ورتو.