اسلام آباد – 01 – ??ون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا ربا??ي کر 5 کان 13 ??ون تائين ناروي، سوئيڊن، ڊيمنارڪ ۽ بيلجيئم جو سرڪاري دورو ڪندي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته مملڪتي وزير ترقي، واپار ۽ موسمياتي تبديلي جي چئلينجز ۽ مسئلي بابت تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ وزارتي سطح تي اجلاسن ۾ شرڪت ڪندي. هوءَ قانونسازن ?? مقامي واپارين سان پڻ ملاقات ڪندي. حنا ربا??ي کر بيلجيئم ۾ يورپي پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ يورپي ڪميشن جي سينيئر عملدارن سان ملاقاتون ڪندي. سوئيڊن ۾ مملڪتي وزير پرڏيهي لاڳاپن بابت يورپي ڪائونسل جي سالياني اجلاس ۾ اهم خطاب ڪندڙ طور شرڪت ڪندي. هوءَ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي مسئلن تي پ??ڪس??ان جو موقف پيش ڪندي ۽ پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن ۽ چئلينجز تي بحث جي لاءِ يورپ جي اهم فيصلاسازن، ماهرن، ٿنڪ ٽينڪس ۽ اثررسوخ رکندڙ شخصيتن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي.