اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن وارو م??لڪ??ي وزير مسگانواريگا 9 کان 11 مئي تي هڪ وفد جي قيادت ڪ??دي پاڪستان جو دورو ڪندو. پرڏيهي افيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وفد ۾ سائنس ۽ واپار وارو م??لڪ??ي وزير ۽ ڪاروباري برادري جا ميمبر شامل هوندا. دوري دوران اسلام آباد ۾ ايٿوپيا جي سفارتخاني جو افت??اح ۽ ايٿوپيا جي ايئر لائينز پاران ڪراچي ۽ اديس ابابا جي وچ ۾ سڌوسن??ون اڏامن جو افت??اح شامل آهي. ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن وارو وزير ۽ پاڪستان جي پرڏيهي معاملن واري م??لڪ??ي وزير حنا رباني کر اسلام آباد ۾ ايٿوپيا جي سفارتخاني جو افت??اح ڪندا. سنڌ جو وڏو وزير ۽ ايٿوپيا جي پرڏيهي معاملن وارو م??لڪ??ي وزير ايٿوپيا ايئر لائينز جي سڌوسن??ون فلائيٽ آپريشن جو افت??اح ڪندا. دوري دوران ڌريون گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي ٻطرفن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون جنهن ۾ واپار ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون به شامل آهي. اميد آهي ته ايٿوپيا جي وفد جي دوري سان ايٿوپيا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ملندي.