اسلام آباد – 31 ?? مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزارت پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي تعاون سان گڏيل قومن جي امن مشن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي شاندار تقريب منعقد ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب تقريب ۾ سفارتي ڪور ۽ پرڏيهي وزارت جي آفيسرن شرڪت ڪئي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني ک?? تقريب جي خاص مهمان هئي. ان موقعي تي ٻه بحث سيشن ٿيا جن ۾ گڏيل قومن جي امن قائم ڪرڻ جي اثرن ۽ فوج ۾ سڀ کان وڌيڪ تعاون ڪندڙ ملڪ طور پاڪستان جي ڪردار کي اجاگر ڪيو ويو. ان موقعي تي مملڪتي وزير حنا رباني ک?? ۽ سفارتي برادري پاڪستان جي 8 امن فوجين کي خراج عقيدت پيش ڪيو جن ڊيوٽي دوران پنهنجي جانين جا نذرانا ڏنا ۽ انهن کي گڏيل قومن جي امن فوج جي 75 سال مڪمل ٿيڻ تي ش??يد ٿيڻ کانپوءِ اعزاز س??ن نوازيو ويو آهي.