ڪراچي – 04 – مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلا??ل ڀٽو زرداري ڪرم ايجنسي ۾ استادن جي قتل جي شديد مذمت ۽ اهڙي قسم جي واقعن ??ي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلا??ل ڀٽو زرداري استادن جي قتل جي واقعن تي ??نه??جي ردعمل ۾ زور ڏنو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور تي قانون جي پڪڙ ۾ آندو وڃي. هن چيو ته پوليس ۽ انتظاميا واقعي ب??بت فوري جاچ ڪن، حقيقتن کان عوام کي آگاهه ڪن. هن وڌيڪ چيو ته اهڙي قسم جي واقعن کي ڪنهن به قيمت تي ب??داشت نه ٿو ڪري سگهجي ۽ اڳتي اهڙي قسم جي واقعن جي روڪٿام کي يقيني بڻايو وڃي. چيئرمين بلا??ل ڀٽو زرداري متاثر خاندانن سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ۽ مارجي ويل استادن جي مغفرت لاءِ دعا ڪئي.