اسلام آباد – 09 – ??ون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فائيو – ??ي فريم ورڪ پاڪستان ۾ معاشي ت??قي ج?? گيم چينجر ثابت ٿيندو، ايڪسپورٽس، اي پاڪستان، واٽر اينڊ فوڊ سيڪيورٽي، انوائرمنٽ، انرجي ۽ ايڪويٽي ٽرن ارائونڊ پاڪستان جا ٿنڀ آهن، ان فريم ورڪ جي ذريعي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ نئين ڪاروبارن ۽ روزگار جي حوصلا افزائي ٿيندي، تعليم، صحت جي فروغ ۽ آبادي تي ڪنٽرول سان پاڪستان جي ترقي جي راهه هموار ٿيندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته سستي ۽ بنا رڪاوٽ توانائي جي فراهمي سان معيشت ۽ ڪاروبار ۾ نئين تيزي ايندي، پاڻي ذخيرن ۽ غذائي ت??فظ جي ذريعي ماحول بهتر بڻايو ويندو. هن چيو ته اي پاڪستان جي ذريعي نوجوانن کي ت??قي جا موقعا ڏينداسين، انهن کي بااختيار بڻايو ويندو. هن چيو ته جي ڊي پي جي لحاظ کان فسڪل خساري ج?? 4.9 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 4.6 سيڪڙو تي اچڻ وڏي ڪاميابي آهي، اهو حڪومت جي صحيح معاشي پاليسي ج?? مثبت نتيجو آهي. هن چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 76 سيڪڙو گهٽتائي صحيح معاشي پاليسي جي علامت آهي، واپاري خساري ۾ 40.4 سيڪڙو گهٽتائي معاشي قدمن جي درستگي کي ظاهر ڪري ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته واپاري خسارو 43.4 ارب ڊالر کان گهٽ ٿي 25.8 ارب ڊالر ٿي ويو آهي ج??ڪا بهترين طرف شروعات آهي. هن چيو ته درآمدات ۾ 29.2 سيڪڙو گهٽتائي ٿي ج??هن جا معاشي صورتحال تي اثر پيا، 72.3 ارب ڊالر جي مقابلي ۾ درآمدات جو 51.2 ارب ڊالر تي اچڻ معاشي بهتري طرف قدم آهي. هن چيو ته گذريل مالي سال جي 5 هزار 48.2 ارب رپين جي مقابلي ۾ 6210 ارب رپيا ٽيڪس روينيو گڏ ٿيو. هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن ۾ 7 لک ايف بي آر ٽيڪس ڏيندڙن جي هدف جي مقابلي ۾ اٽڪل 9 لک 12 هزار نئين ٽيڪس ڏيندڙن کي رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي. اهو ٽيڪس نيٽ ۾ اضافي ج?? ثبوت آهي. هن چيو ت?? 1.15 ٽريلين رپين جي وفاقي ت??قياتي بجيٽ رکڻ سان ملڪ ۾ معآشي سرگرميون تيز ٿينديون ۽ روزگار وڌندو.