اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بج??ٽ ۾ سر??اري شعبي جي ترقياتي پر??گر??م (پي ايس ڊي پي) تحت هائوسنگ اينڊ ورڪس ڊويزن جي جاري ۽ نئي?? منصوبن جي لاءِ مالي سال 24 – 2023ع جي بج??ٽ ۾ مجموعي طور تي 40680 ملين رپين جي رقم رکي وئي آهي. پي ايس ڊي پي دستاويز موجب هائوسنگ اينڊ ورڪس ڊويزن جي جاري منصوبن جي لاءِ 13858.266 ملين رپين جي رقم رکي وئي آهي جڏهن ته نئي?? منصوبن جي لاءِ 26821.734 ملين رپين جي رقم رکي وئي آهي. ناڻي واري وزارت پاران مليل دستاويز موجب نئين مالي سال ۾ هائوسنگ اينڊ ورڪس ڊويزن جي نئي?? منصوبن جي لاءِ مجموعي طور تي منظور ٿيل ڪاٿي واري لاڳت 37605.593 ملين رپيا آهي جڏهن ته جاري منصوبن جي مجموعي منظور ٿيل ڪاٿي واري لاڳت 81556.749 ملين رپيا آهي.