اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت دفاعي ??يداوار ڊويزن جي ٻن جاري منصوبن جي لاءِ 2000 ملين رپيا رکيا ويا آهن. جاري پي ايس ڊي پي موجب دفاعي ??يداوار ڊويزن جي گوادر ۾ شپ ي??رڊ جي جوڙجڪ جي لاءِ پراجيڪٽ مئنيجمينٽ سيل قائم ڪرڻ جي جاري اسڪيم لاءِ 100 ملين رپيا رکيا ويا آهن. اهڙي طرح ڪراچي شپ ي??رڊ ۽ انجنيئرنگ ورڪس جي انفراسٽرڪچر جي اپ گريڊيشن جي اسڪيم لاءِ 1900 ملين رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. انهن ٻنهي ??سڪيمن جي مجموعي ??اڳت جو ڪاٿو 8471.443 ملين رپيا لڳايو ويو آهي ??ن مان 30 جون 2023ع تائين ٿيندڙ خرچن جو ڪاٿو 5809.86 ملين رپيا آهي.