ڪراچي – 16 – جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري ميانوالي سان تعلق رکندڙ پارٽي جي پراڻي ساٿي ۽ پنجاب ڪائونسل جي ميمبر ايڊووڪيٽ صداقت الله جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. بل??ول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بل??ول ڀٽو زرداري تعزيتي پيغام ۾ ايڊووڪيٽ صداقت الله جي پونئيرن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. بل??ول ڀٽو زرداري مرحوم جي لاءِ جنت الفردوس ۽ سوڳوارن جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪئي.