ڪراچي-13 جون (اي پي پي) سامونڊي فوج بپر جواءِ نالي سامونڊي طوفان جي پيش نظ?? سنڌ جي سامونڊي پٽي وارن علائقن ۾ امدادي ڪارروائين تحت شاهه بندر جي آسپاس ڳوٺن مان لڳ ڀڳ هڪ هزار ماڻهن جي محفوظ هنڌ ڏانهن لڏپلاڻ ۾ مدد ف??اهم ڪئي، جڏهن ته 64 مهاڻن کي سمنڊ مان ريسڪيو ڪيو ويو. جاري ڪيل پڌرائي موجب پاڪ نيوي سامونڊي طوفان بپر جواءِ جي پيش نظ?? سنڌ جي سامونڊي ڪناري وارن علائقن ۾ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏ??ڻ ۽ بروقت مدد ف??اهم ڪرڻ لاءِ پنهنجن سڀني اثاثن سان هر وقت تيار آهي. پاڪ نيوي جي دستن شاه بندر سان لاڳاپيل ڳوٺن مان لڳ ڀڳ هڪ هزار ماڻهن جي محفوظ هنڌ ڏانهن لڏپلاڻ ۾ مدد ف??اهم ڪئي ۽ 64 مهاڻن کي سمنڊ کان ريسڪيو ڪيو. بدلجندڙ صورتحال ۽ هر وقت امدادي ڪارروائين جي نگراني لاءِ هيڊڪوارٽر ڪمانڊر ڪر??چي ۾ سائيڪلون مانيٽرنگ سيل قائم ڪري ڇڏيو. پاڪ نيوي جوائنٽ ميري ٽائيم انفارميشن ڪوآرڊينيشن سينٽر جي جاري ڪيل هدايتن موجب سڀني اسٽيڪ هولڊرز خاص ڪري مهاڻن کي اونهي ۽ کليل سمنڊ ۾ نه وڃڻ جو چيو پيو وڃي. پاڪ نيوي جي ايمرجنسي رسپانس ۽ طبي ٽيمون بلوچستان جي سامونڊي پٽي ۽ حيدرآباد، شهيد بينظير آباد، سکر ۽ سانگهڙ سميت سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ صورتحال کي منهن ڏ??ڻ ۽ فوري امداد ف??اهم ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيون ويون آهن. پاڪ نيوي جا جهاز کليل سمنڊ ۾ گشت دوران سامونڊن ۾ ڦا??ل ٻيڙين کي مدد ف??اهم ڪرڻ ۾ سرگرم آهن. ڪر??چي ۾ پاڪ نيوي جي اسپتالن ۾ به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي. سامونڊي طوفان بپر جواءِ کان عوام کي محفوظ رکڻ لاءِ پاڪ نيوي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ صوبائي ۽ مقامي حڪومتن سان لڳاتار رابطي ۾ آهي ته جئين ضرورت جي پيش نظر بروقت مدد ف??اهم ڪري سگهجي.