اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻه?? جي مالي خودمختياري جي لاءِ انهن کي هنرمند بڻائڻ جي ضرورت تي زو?? ڏيندي چيو آهي ته معاشري جي منفرد صلاحيتون رکندڙ ماڻهن بابت پنهنجي روين کي بدلائڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ص??ت جي عالمي اداري ۽ جان هاپڪنز يونيورسٽي جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. وفد ص??ت جي عالمي اداري جي پاڪستان ۾ سربراهه ڊاڪٽر پاليٿا مهي پالا جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد صدر ۽ خاتون او?? جي خصوصي ماڻهن، ڇاتيءَ جي ڪينسر، نفسياتي صحت ۽ ص??ت جي ٻين مسئلن تي ڪوششن کي ساراهيو. صدر چيو ته خصوصي ماڻه?? جي بحالي ۽ انه?? جي سهولتن لاءِ انهن کي مددگار ٽيڪنالاجي ڏيڻ جي ضرورت آهي. بحالي ۽ مددگار ٽيڪنالاجي جي خدمتن کي پرائمري ۽ ڪميونٽي سطح تي فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن کي اعليٰ معيار، محفوظ ۽ سستي بحالي جي خدمتن ۽ مددگار ٽيڪنالاجي جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. صدر ص??ت جي عالمي اداري جي بحالي 2030ع منصوبو شروع ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ جان هاپڪنز يونيورسٽي ۽ ص??ت جي عالمي اداري کي بحالي ليڊرشپ ڪورس ڪرائڻ تي ساراهيو.